سيال لطف

سيال لطف

لطف سيال

لطف سيال : شاعر لطف سيال جو پورو نالو لطف الله ولد گل حسن سيال آهي. سندس جنم 2 فيبروري 1975ع تي، ضلعي نوشهري فيروز جـي ڳــوٺ حـسيـن بخـش سيال ۾ ٿيو. هن مڪينيڪل انجنيئرنگ، ايل. ايل. بي، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايم. اي (سوشيالاجيءَ) جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن ۽ وڪالت جي شعبي سان وابسته آهي. هن شاعريءَ جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي اڪثر رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون آهن، اخبارن ۾ ڪالم به لکيا آهن. لطف سيال قائدعوام يونيورسٽي نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ’يونيورسٽي مخزن‘ جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر، پير وسڻ مان نڪرندڙ رسالي ’ڏيئو‘ جو سب ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. ڪافي عرصو صحافت سان به وابسته رهيو ۽ ڪاوش گروپ جي انگريزي اخبار ’دي مرر‘، روزاني ’شام‘ جو رپورٽر، روزاني ’هلچل‘ اخبار جو ضلعي رپورٽر ۽ انگريزي رسالي ’انڊس‘ جو ضلعي رپورٽر رهي چڪو آهي. لطف سيال جي شاعريءَ جو مجموعو ’چنڊ، صنم ۽ شاعري‘ جي نالي سان 2001ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. لطف سيال سنڌي ادبي سنگت شاخ قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھه جو بنيادي ميمبر ۽ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.


لفظ لطف سيالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.02.02  عيسوي

شاعر لطف سيال جو پورو نالو لطف الله ولد گل حسن سيال آهي. سندس جنم 2 فيبروري 1975ع تي، ضلعي نوشهري فيروز جـي ڳــوٺ حـسيـن بخـش سيال ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحميد شهيد
الطاف عاصي ڊاڪٽر
جويو دادن فقير
شهاب الدين صوفي
رکيل مورائي
مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي
پنهور مير حاجن مير
خواجه غلام فريد
پريم پرڪاش ڊاڪٽر
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون